اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي پوليو جي روڪٿام بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق پوليو مهم ۾ موجود خاميون ختم ڪرڻ ۽ هر ٻار جي ويڪسينيشن يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب اهي هدايتون هن پنهنجي صدارت هيٺ نيشنل پوليو مينيجمينٽ ٽيم جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏنيون. اجلاس ۾ اپريل ۽ مئي دوران ملڪ ۾ شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي ڪو آرڊينيٽرز ۽ عالمي شراڪتدارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عائشه رضا فاروق پوليو مهم ۾ موجود خاميون ختم ڪرڻ ۽ هر ٻار جي ويڪسينيشن يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پوليو وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ اپريل ۽ مئي ۾ مهمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي . عائشه رضا فاروق هدايت ڪئي ته ڪو به ٻار ايندڙ پوليو مهم ۾ ويڪسين کان محروم نه رهي، پوليو جي خاتمي لاءِ هر سطح تي گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.