اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاران رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ خوشين ۾ يتيم ٻارن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان آرفن ڪيئر فورم جي ڪفالت هيٺ يتيم ٻارن جي لاءِ ايوان صدر ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر يتيم ٻارن جي لاءِ افطار ڊنر تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻار اسان جو مستقبل آهن، ٻار پنهنجي تعليم تي خاص ڌيان ڏين. صدر هدايت ڪئي ته ٻار محنت ڪن ته جيئن ڪامياب انسان بڻجي سگهن، صدر آصف علي زرداري ٻارڙن سان ڳالهائيندي چيو ته توهان سڀ مون کي پنهنجي ٻارن وانگر عزيز آهيو. صدر آرفن ڪيئر فورم جي ڪفالت هيٺ ٻارن ۾ تحفي طور ڪمپيوٽر ٽيبليٽس ورهائيندي چيو ته خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي مشوري تي توهان کي ڪمپيوٽر ٽيبليٽس جو تحفو ڏئي رهيو آهيان. صدر چيو ته سمورا ٻار ڪمپيوٽر ٽيبليٽس کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سکڻ جي لاءِ استعمال ڪن. ان موقعي تي صدر ٻارن سان ملاقات ڪئي ۽ شفقت جو اظهار ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان آرفن ڪيئر فورم جي چيئرمين ايئر مارشل (ر) فاروق حبيب چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 46 لک يتيم ٻار آهن، پاڪستان آرفن ڪيئر فورم ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 20 هزار جي لڳ ڀڳ ٻارن جي ڪفالت ڪري رهيا آهن، فورم ملڪ ۾ يتيم ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيو آهي، يتيم ۽ محروم ٻارن جي ڪفالت معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. پاڪستان آرفن ڪيئر فورم جي چيئرمين يتيم ٻارن جي ايوان صدر ۾ ميزباني ۽ حوصلا افزائي تي صدر جا ٿورا مڃيا.