اسلام آباد -25 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن آرمي چيف ۽ سندس گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوارن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ماءُ جو وڇوڙو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا ڪئي.