واشنگٽن – 25 مارچ (اي پي پي) وائيٽ ھائوس جو يمن جنگ جو ڳجھو منصوبو ميسيجنگ گروپ کان غلطي سان ليڪ ٿي ويو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ٻڌايو ويو آهي ته غير متوقع طور 13 مارچ کي سگنل ايپ جي ھڪ ڳجھي چيٽ گروپ ۾ دعوت ڏني وئي جنھن کي حوثي پي سي سمال گروپ چيو ويندو آھي. ان گروپ ۾ قومي سلامتي جي مشير مائيڪ والٽز پنھنجي نائب ايليڪس وونگ کي حوثين خلاف آمريڪي ڪارروائي کي جامع بڻائڻ لاءِ ھڪ ٽائيگر ٽيم جوڙڻ جو ھدف ڏنو. گولڊ برگ چيو ته انھن حملن جي شرعات کان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ دفاع وارو وزير پيٽ ھيڪسيٿ ان آپريشن جي منصوبه بندي بابت لاڳاپيل تفصيل ھڪ گروپ ۾ پوسٽ ڪيا، جن ۾ ھدفن ۽ حملن جي ترتيب کان علاوه انھن ھٿيارن سان لاڳاپيل معلومات شامل ھئي، جيڪي آمريڪا طرفان استعمال ٿين ھئا. گولڊ برگ طرفان حملن سان لاڳاپيل وڌيڪ تفصيل ناھن ٻڌيا ويا جڏھن ته ھن ان کي ھڪ حيران ڪن لاپرواھي قرار ڏنو ويو.