فلوريڊا _20 مارچ (اي پي پي) انگلينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ يو ايس اوپن چيمپئين ايما راڊوڪانو ۽ بيلاروس جي ٽينس اسٽار ۽ 2 ڀيرا گرينڊ سلام جي فاتح وڪٽوريه آزارينڪا ڊبليو ٽي اي ميامي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي فاتحاڻي شروعات ڪندي عورتاڻي سنگلز مقابلن جي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي ويون، جڏهن ته برطانوي ٽينس اسٽار ڪيٽي بولٽر عورتن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي . ميامي اوپن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو هارڊروڪ اسٽيڊيم فلوريڊا ۾ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.