ڪولڪته-20 مارچ (اي پي پي) ڪرڪيٽ ان انڊيا بابت بورڊ آف ڪنٽرول (بي سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جو 18 هون ايڊيشن 22 مارچ 2025ع کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. انڊين پريميئر ليگ جي شروعاتي ميچ دفاعي چيمپئن ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز ۽ رائل چئلينجرز بنگلورو جي ٽيمن وچ ۾ ايڊنز گارڊنز ، ڪولڪته ۾ کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ جي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي رانديگرن ايڪشن ۾ هوندا. ليگ جي 18 هين ايڊيشن ۾ شامل 10 ٽيمن وچ ۾ فائنل سميت مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏيون وينديون جيڪي ڀارت جي مختلف هنڌن تي کيڏيون وينديون. آءِ پي ايل جي 16 هين ايڊيشن ۾ گوهاٽي اسٽيڊيم پنهنجو آءِ پي ايل ڊيبيو ڪيو هو. ليگ ۾ ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع لاءِ ايڪشن ۾ هوندي، ليگ ۾ شامل 10 ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئن ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز کانسواءِ ٻين ٽيمن ۾ چنائي سپر ڪنگز، گجرات ٽائيٽنز، ممبئي انڊينز، دهلي ڪيپيٽلز، پنجاب ڪنگز، راجسٿان رائلز، رائل چئلينجرز بنگلور، سن رائزرز حيدرآباد ۽ لکن سپر جائنٽس شامل آهن. آءِ پي ايل جي فائنل ميچ ڪولڪته ۾ 25 مئي تي شيڊول آهي.