ڍاڪا-19 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز 20 مارچ تي پهرين ميچ سان شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 20 کان 24 اپريل تائين سلهٽ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، سلهٽ ۾ کيڏي ويندي. بنگلاديش ٽيم جي اڳواڻي نجم الحسن شانٽو ڪندو . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم، چٽوگرام ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ بيان ڏنا آهن ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ٻن ميچن جي سيريز سخت ۽ ڪانٽيدار هوندي ۽ مداحن کي سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.