ويلنگٽن – 17 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ فيصلاتي ميچ 18 مارچ ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز 1-1 تان برابر آهي .مهمان سريلنڪا جي ٽيم پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ويمنز ٽيم کي جاندار ڪم بيڪ ڪندي 7 وڪيٽن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم سريلنڪن ٽيم کي 0-2 تان کٽي هئي. پهرين ون ڊي ميچ برساتن سبب بنان نتيجي ختم ٿي وئي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 18 مارچ تي يونيورسٽي اوول، ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي.