ڪرائسٽ چرچ – 16 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ پهرين ٽي 20 انٽرنيشنل ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستاني ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 18.4 اوورز ۾ 91 رنسون اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي. خوشدل شاه 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جيڪب ڊفي 4 ۽ ڪائل جيميسن ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 10.1 ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪيو. ٽم سيفرٽ 44 رنسون اسڪور ڪيون. ڪائل جيميسن کي مين آف ميچ قرار ڏنو ويو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مائيڪل بريسويل ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو صحيح ثابت ٿيو، پاڪستان جي ٽيم ميچ جي شروعات کان ئي ڏکيائي جو شڪار رهي ۽ صرف 14 رنسن تي 4 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. محمد حارث ۽ ڊيبو ڪندڙ حسن نواز هڪ به رنس اسڪور نه ڪيو. عرفان خان هڪ رنس ۽ شاداب خان ٽي رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪپتان سلمان 18 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته خوشدل 32 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.