ڪرائسٽ چرچ – 16 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي 20 انٽرنيشنل ميچ ۾ پاڪستان پاران 3 رانديگرن ڊيبو ڪيو، ڊيبو ڪندڙ رانديگرن ۾ اوپنر حسن نواز، مڊل آرڊر بيٽسمين عبدالصمد ۽ فاسٽ بالر محمد علي شامل آهن. پاڪستان ٽيم مينجمنٽ پاران ٽن رانديگرن کي ڊيبو ڪيپس ڏنيون ويون آهن. بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف عبدالصمد، هيڊ ڪوچ عاقب جاويد محمد علي ۽ محمد شاداب خان حسن نواز کي ڊيبو ڪيپ ڏنا.