ڪيليفورنيا-14 مارچ (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ آرينا سبالينڪا، پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار، اڳوڻي عالمي نمبر ون، ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ۽ دفاعي چيمپئين آئيگا سويٽيڪ ۽ آمريڪا جي ٽينس اسٽار ڊبليو ٽي اي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون. 26 سالن جي ٽاپ سيڊيد آرينا سبالينڪا عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ روس جي حريف رانديگر کي شڪست ڏئي ٽاپ فور لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس رانديگر آئيگا سويٽيڪ وومنز سنگلز ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ چين جي حريف رانديگر زينگ ڪنوين کي شڪست ڏئي نه رڳو ڊبليو ٽي اي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو پر ٽاپ 4 رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪري ورتو. آمريڪا جي ميڊيسن ڪينز ٽاپ 8 رائونڊ ميچ ۾ سوئٽزرلينڊ جي رانديگرياڻي کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ڊبليو ٽي اي ايونٽ جي اهتمام هيٺ ويمنز ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا آمريڪي رياست ڪيلفورنيا ۾ جاري آهن.