اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردي جي حملي مذمت، دهشتگرديءَ جي ڪوشش کي ناڪام بنائڻ ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين کي خراجِ تحسين ۽ انهن سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ان حوالي سان قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. اجازت ملڻ تي هن قرارداد پيش ڪئي، جنهن جي ايوان اتفاق راءِ سان منظوري ڏني. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايوان جعفر ايڪسپريس جي هاءِ جيڪنگ ۽ دهشتگردي جي انهن سمورن رُخن جي سختيءَ سان مذمت ڪري ٿي جيڪا شهرين جي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي ٿي ۽ قوم جي امن کي متاثر ڪري ٿي. ايوان ان عزم کي ورجايو ته دهشتگرديءَ کي ملڪ جي هر ڪنڊ مان ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ هي ايوان خاطري ڪرائي ته ڪو به گروهه، فرد يا نظريو جيڪو اسان جي قوم جي سلامتي، خوشحالي ۽ خودمختياري کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي ملڪ جي حدن ۾ خوف ۽ تشدد پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ايوان عزم ڪري ٿو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ دهشتگرديءَ جي سرگرمي کي نظر انداز نه ڪيو ويندو ۽ دهشتگرديءَ جي سمورين صورتن کي پاڙان پٽي اُڇلائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته جيڪو ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي قانون جي پوري طاقت سان مُنهن ڏنو ويندو. هي ايوان ان سانحي ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر مردن ۽ عورتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿو، انهن جي بهادري، قربانين ۽ حب الوطني کي ساراهي ٿو ۽ـ تسليم ڪري ٿو، ايوان پاڪستان جي فوج، فضائيه، ايف سي، ايس ايس جي ۽ـ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پُختي لڳن، بهادري ۽ـ قربانين لاءِ دل جي گهرائين سان ٿورائتي آهي، جن شهرين جي جانين کي بچائڻ ۽ پاڪستان جي اتحاد کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجين جانين جون قربانيون ڏنيون. سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي بي اثر ڪرڻ ۾ سندن جرائتمنداڻيون ڪوششون اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي ان عزم ۽ تياري جو اظهار آهن ته ڪنهن به قيمت تي پنهنجي وطن جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ پوري طرح سان تيار آهن.