اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان بلوچستان جي مختلف قبائلي نمائندن ۽ مقامي اڳواڻن ملاقاتون ڪيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ملاقات دوران صوبي جي مجموعي صورتحال، ترقياتي منصوبن، معاشي حالتن ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين تازو جعفر ايڪسپريس حملي جي شديد مذمت ڪندي ان کي ملڪ دشمني تي ٻڌل حرڪت قرار ڏنو. هن چيو ته اهڙا شرپسند عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن ۽ سموري قوم متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته ريل گاڏي ۾ بزرگ شهري، عورتون ۽ ٻار به موجود هئا ۽ ان حملي جو مقصد بلوچستان ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ هو پر اسانجي سيڪيورٽي فورسز بهادري جو مظاهرو ڪندي ڪامياب آپريشن ڪندي نه رڳو دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو پر معصوم مسافرن کي آزاد به ڪرايو جنهن تي سموري قوم انهن جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان جي ترقي کي پاڪستان جي ترقي قرار ڏيندي چيو ته حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت بلوچستان کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکي ٿي. هن چيو ته گوادر بندرگاهه، اقتصادي راهداري جي منصوبن سميت ٻيا ترقياتي منصوبا حڪومت جي ڌيان جو مرڪز آهن، ڇو جو گوادر سڄي خطي کي وچ اوڀر ۽ مرڪزي ايشيائي ملڪن سان جوڙڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن. هن سمورن سياسي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته هو سياسي وابستگين ۽ اختلافن کان مٿانهون ٿي سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي قدم کڻن ۽ حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور ساٿ ڏين ۽ خاص طور تي نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اڻٽر آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان صوبي جي مختلف علائقن جا دورا به ڪيا ۽ پنهنجي دوري دوران مختلف علائقن جو معائنو ڪيو ۽ مقامي انتظاميا ۽ نمائندن سان ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته امن کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي ۽ بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام ئي خوشحالي جو رستو هموار ڪندو.