ڪراچي-13 مارچ(اي پي پي) هلندڙ سال جو پهريون مڪمل چنڊ گرهڻ 14 مارچ تي ٿيندو، چنڊ گرهڻ جي شروعات صبح جو 8:57 منٽن تي ٿيندي جڏهن ته 11:26 منٽن تي چنڊ کي مڪمل طور تي گرهڻ لڳي ويندو. موسميات کاتي موجب چنڊ گرهڻ صبح جو 11:59 منٽن تي عروج تي هوندو ۽ منجهند جو 3 وڳي ختم ٿي ويندو. چنڊ گرهڻ جو مشاهدو پاڪستان ۾ نه ڪري سگهبو جڏهن ته يورپ، ايشيائي ملڪن، آسٽريليا جي اڪثر علائقن، آفريقا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ چنڊ گرهڻ ڏسي سگهبو.