ڪرائسٽ چرچ – 13 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي عورتن جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جمعو 14 مارچ کان پھرين ميچ سان ٿيندي. اھو ميچ ھيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم 2-0 تان پنهنجي نالي ڪئي هئي. ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي سوزي بيٽس ڪندي جڏھن ته سريلنڪن ٽيم جي سربراهي چماري اٿاپٿو ڪندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پھرين ميچ 14 مارچ تي ھيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 16 مارچ تي ساڳي ھنڌ ھيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 18 مارچ تي يونيورسٽي اوول، ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي.