اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي ڪڌي دهشتگرد حملي سبب شديد صدمي ۾ آهي ۽ معصوم جانين جي زيان تي ڏکويل آهي، اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪستان جي امن جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته سندس بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن کيس جعفر ايڪسپريس تي ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي جي تازه ترين اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ان ڪڌي فعل سبب شديد صدمي ۾ آهي ۽ معصوم جانين جي زيان تي ڏکويل آهي، اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪستان جي امن جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. هن چيو ته درجنين دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي.