اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، عمان جي واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري واري وزير قيس اليوسف سان مسقط ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملاقات جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ شعبه جاتي سهڪار جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ هو. ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير چيو ته عمان پاڪستان جي صنعتي مهارت، تجربن ۽ واپاري صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهي ٿو ۽ پنهنجي ويزن 2040ع تحت اقتصادي جدت جا هدف حاصل ڪري سگهي ٿو. قيس اليوسف پاڪستان جي علائقائي واپار ۾ اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته تاريخي ناتن ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ پاڪستان کي وچ ايشيائي ملڪن (سي اي آرز) لاءِ سڀ کان اثرائتو واپاري رستو بڻائين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته عمان پنهنجي اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ نوان واپاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ لاءِ پُرعزم آهي. ٻنهي وزيرن سڌيءَ ريت چُرپُر جي رابطن کي بهتر بنائڻ ۽ پاڪستان کي وچ ايشيائي ملڪن تائين پهچ جو گيٽ وي قرار ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪستاني وفد گوادر ۽ ڪراچيءَ جي بندرگاهن جي صلاحيتن کي نمايان ڪندي ٻُڌايو ته اهي بندرگاهون عمان جي اُڀرندڙ مارڪيٽن تائين سڌيءَ ريت پهچ فراهم ڪري سگهن ٿيون. ملاقات ۾ ٽيڪسٽائل، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار، زراعت، خوراڪ جي سلامتي ۽ مينيوفيڪچرنگ جهڙن شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي موقعن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي وزيرن صنعتي سهڪار، گڏيل منصوبن ۽ زرعي واپار جي توسيع جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ عمان طرفان سينيئر آفيسر به موجود هئا، جن ۾ صالح سعيد ميسن، ابتسام احمد الفاروگي، راشد سيد آرشدي، خالد علي الحبيسي ۽ صهيب امير الصواف شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ واپار واري وزير سان گڏ سفير سيد نويد صفدر بخاري، ڪمرشل ڪونسلر عشرت حسين ڀٽي ۽ پاڪ- عام انويسٽمينٽ ڪمپني جو مئينجر طلحه خان موجود هئا.