اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪالهه اسلام آباد ۾ چين – پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پي) جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت مددگار طارق فاطمي، چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي، پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت، مواصلات، اقتصادي معاملا، پيٽروليم، واپار، خوراڪ ۽ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سامونڊي معاملن، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ بين وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. احسن اقبال گوادر کي قومي گرڊ سان ڳنڍڻ ۾ دير تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪوئيٽه اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ڪيسڪو) ۽ پاور ڊويزن کي هدايت ڏني ته هو پنجن ڏينهن اندر بجلي جي فراهمي جي تازا ترين رپورٽ پيش ڪن. هن گوادر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ جي فعال نه هئڻ تي به سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هڪ هفتي اندر ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته سماجي ۽ اقتصادي ترقي تحت زرعي اوزار ۽ ڊيمانسٽريشن اسٽيشنز سيپٽمبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ وصول ٿيا جڏهن ته مئي 24ع ۾ 10 هزار سولر پينلز ۽ سيپٽمبر ۾ وڌيڪ 5 هزار سولر پينلز پاڪستان پهتا. ان کان علاوه آگسٽ 24ع ۾ چين جي امداد تحت 150 واٽر فلٽريشن پلانٽس ۽ 10 ٽيوب ويل سولرائزيشن يونٽ فراهم ڪيا ويا، ان ڪري انهن جي ورهاست ۽ لڳائڻ جي عمل دير جو شڪار آهي. ان دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي وزير خوراڪ واري وزارت کي هدايت ڏني ته هو ٽن ڏينهن اندر هڪ جامع منصوبو جوڙي ته جيئن چين جي فراهم ڪيل سهولتن جي اثرائتي ورهاست کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻئي طرف هن خوراڪ واري وزارت کي سمورن صوبن سان صلاح مشورو ڪري ٻن ڏينهن اندر هڪ باضابطه پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن فراهم ڪيل مشينري کي جلد کان جلد عملي طور تي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ريلوي جي ايم ايل-1 منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان وفاقي وزير پاڪستان جي سفارتي مشن بيجنگ ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي هدايت ڪئي ته هو چيني عملدارن سان رابطو ڪن ته جيئن پاڪستان ۾ فني ۽ مالياتي ماهرن جي دؤري جي حتمي تاريخ طئي ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ فوري هم آهنگي ۽ چيني ورڪنگ گروپ جي دؤري کي جلد کان جلد ممڪن بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ نَون ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجي (نيٽ) جي فريم ورڪ معاهدي تي ڳالهائيندي احسن اقبال آءِ ٽي وزارت کي انهن ڳالهين ۽ عملدرآمد ۾ قيادت جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ذميواري سونپي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو ته چين هلندڙ سال جولاءِ ۾ 14هين جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) جي اجلاس جي رٿجڻ سان اتفاق ڪيو آهي. ان حوالي سان سمورن شرڪت ڪندڙن کي تيارين جي هدايت ڪئي. ٻئي پاسي ورڪنگ گروپ اجلاسن کي مارچ ۽ اپريل ۾ منعقد ڪرڻ جو شيڊول طئي ڪيو ويو ته جيئن جي سي سي اجلاس کان اڳ جامع تياري کي يقيني بنائي سگهجي.