اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن گڏيل طور تي ڪي پي ڪي ۾ بدامني، معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صوبي ۾ پائيدار امن سميت صوبي جي مجموعي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ۽ لائحه عمل طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪي پي ڪي جي گورنر آفيس مان جاري بيان موجب حڪمران پارٽي ۽ پ پ اڳواڻن جو گڏيل اجلاس ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي اسلام آباد رهائشگاهه تي ٿيو. ملڪ جي ٻنهي وڏين سياسي پارٽين جي اڳواڻن گورنر جي ميزباني ۾ ڪي پي ڪي جي مجموعي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا. اجلاس ۾ (ن) ليگ طرفان راڻا ثناءُ الله، امير مقام، سردار محمد يوسف، خواجه سعد رفيق، مرتضيٰ جاويد عباسي شرڪت ڪئي. جڏهن ته پ پ طرفان صوبائي صدر محمدعلي شاهه پاچا، صوبائي جنرل سيڪريٽري شجاع خانزاده ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر احمد ڪريم ڪنڊي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ڪي پي ڪي ۾ بدامني، معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ڪي پي ڪي ۾ پائيدار امن سميت صوبي جي مجموعي ترقيءَ لاءِ گڏيل جدوجهد ۽ لائحه عمل طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي ٻنهي پارٽين صوبي جي مجموعي ترقيءَ لاءِ صلاح مشوري جو باقاعده سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. ملڪ جي ٻنهي وڏين پارٽين جي اڳواڻن صوبي ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامني جي خراب صورتحال تي صوبائي حڪومت جي خاموشيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.