اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڊائريڪٽوريٽ آف ريليجيئس ايجوڪيشن کي وفاقي تعليم واري وزارت جو لاڳاپيل ادارو بڻائڻ، نيشنل سائبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم آف پاڪستان ۽ نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيڪينڪل ٽيم/ ڪوآرڊينيشن سينٽر آف چائنا جي وچ ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، گڏيل قومن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي يونٽ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت، پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي يونٽ ايڪسليريٽر سينٽر قائم ڪرڻ جي حوالي سان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا ۾ تازي توسيع کانپوءِ هي وفاقي ڪابينا جو پهريون باضابطا اجلاس هو. وزيراعظم نئين ڪابينا ميمبرن کي اجلاس ۾ ڀليڪار چيو ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي ڪابينا کي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران رمضان المبارڪ جي مهيني دوران ضرورت جي شين جي قيمتن جي نگراني جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته اسلام آباد جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي جي ڪارڪردگي انتهائي بهتر ۽ موثر رهي آهي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي ڊائريڪٽوريٽ آف ريليجيئس ايجوڪيشن کي وفاقي تعليم واري وزارت جو لاڳاپيل ادارو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سفارش تي نيشنل سائبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم آف پاڪستان ۽ نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيڪنيڪل ٽيم/ ڪوآرڊينيشن سينٽر آف چائنا جي وچ ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تحقيق، مشاورت ۽ تربيت جي حوالي سان تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. وڌيڪ اهو ته ان مفاهمتي يادداشت تحت سائبر حملن کي روڪڻ جي حوالي سان هم آهنگي، پاليسي ڊيولپمينٽ، سائبر سيڪيورٽي ڊرلز، سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان انٽيليجنس جي مٽاسٽا، سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان صلاحيت ۾ بهتري ۽ آگاهي جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سفارش تي گڏيل قومن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي يونٽ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت، پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي يونٽ ايڪسليريٽر سينٽر قائم ڪرڻ جي حوالي سان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان معاهدي تحت پاڪستان جو نيشنل انڪييوبيشن سينٽر اسلام آباد هڪ آءِ ٽي ايڪسليريٽر سينٽر جي طور تي ڪم ڪندو ۽ ان جي صلاحي وڌائي ويندي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي سيد جرار حيدر ڪاظمي کي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ڪموڊور (آپس) رضوان علي منور جي پاڪستان ميرين اڪيڊمي ڪراچي جي ڪمانڊنٽ طور سيڪينڊمينٽ جي مدي ۾ هڪ سال توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني ترقي ۽ وسيلن ۽ سمنڊ پار پاڪستاني واري وزارت جي سفارش تي انجنيئر سيد مسرت حسين کي پاڪستان ريئل اسٽيٽ انويسٽمنٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 20 فيبروري 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 4 مارچ 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.