فيصل آباد -11 مارچ (اي پي پي) مشهور شاعر حبيب جالب جي ورسي اربع 12 مارچ تي ملهائي ويندي. ان موقعي تي مختلف شهرن ۾ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. حبيب جالب 24 مارچ 1928ع تي هوشيارپور ۾ پيدا ٿيو، جنهن کي 23 مارچ 2009ع تي وفات کان پوءِ نشان امتياز سان به نوازيو ويو. حبيب جالب جي شاعري ۾ ظلمت ڪوضيا، قائداعظم ديک رهي هين ۽ ٻيون ڪيتريون مشهور نظمون شامل آهن.حبيب جالب 64 ورهين جي عمر ۾ 12 مارچ 1993ع کي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. حبيب جالب جي ورسي جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا مختلف پروگرام نشر جڏهن ته پرنٽ ميڊيا به خاص مضمون شايع ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي.