اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) واپڊا درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 20 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 11 هزار 700 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 20 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 28 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1405.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.014 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1080.30 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.167 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 638.15 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.000 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.