نئين دهلي-10مارچ (اي پي پي ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا ( بي سي سي آئي) جي اهتمام هيٺ ويمنز پريمئير ليگ ( ڊبليو پي ايل) جو ٽيون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي. مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. وومينز پريمئير ليگ ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ دفاعي چيمپئين رائل چئلينجرز بينگلور ۽ ممبئي انڊينز جون وومين ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، دفاعي چيمپئين رائل بينگلور جي ويمنز ٽيم کي بهترين بيٽسمين سمرتي مند هانا اڳواڻي ڪندي جڏهن ته ممبئي انڊينز جي وومين ٽيم جي قيادت بهترين آل رائونڊر هرمن پريت ڪور ڪندي. ويمنز پريمئير ليگ ۾ 5 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون. رائل چئلينجرز بينگلور جي وومينز ٽيم ليگ جي دفاع لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي آهي. ٽورنامينٽ ۾ فائنل سميت ڪل 22 ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل 15 مارچ تي ممبئي ۾ کيڏيو ويندو.