نيلسن – 07 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي عورتاڻي ٽيم کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 78 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آھي. نيوزيلينڊ جي ميڊي گرين شاندار سينچري اسڪور ڪندي پنھنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. نيوزيلينڊ جي 246 رنسن جي ھدف ۾ سريلنڪاجي عورتاڻي ٽيم 46.4 اوورن ۾ 167 رنسون ٺاھيون. ميڊي گرين سينچري اسڪور ڪرڻ تي ميچ جي بھترين رانديگر جو اعزاز حاصل ڪيو. گذريل ڏينھن نيلسن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاھي مخالف ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 246 رنسن جو ھدف ڏنو. ميڊي گرين سينچري اسڪور ڪئي، جيس ڪر 38، پولي انگلس ناقابل شڪست 34 ۽ جارجياپملر 28 رنسن سان نمايا بيٽسمين رھيا. سريلنڪا جي عورتاڻي ٽيم طرفان ڪپتان چماري اٿاپتو ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ سريلنڪن ويمنز ٽيم مليل ھدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ۽ سڄي ٽيم 46.4 اوورن ۾ 167 رنسون ٺاھي سگھي ۽ نيوزيلينڊ ويمنز ٻي وڊي ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم کي 78 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي. سريلنڪن ويمنز ٽيم طرفان ھرشيٿا سماراويڪرماني 59 رنسن جي اننگ کيڏي. نيوزيلينڊ ويمنز طرفان ھنناروني چار جڏھن ته بري الينگ ۽ ايڊن ڪارسن ٻن – ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ميڊي گرين ميچ جي بھترين رانديگر جو اعزار حاصل ڪيو.