ڪراچي-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير،اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار رمضان المبارڪ دوران سڄي سنڌ ۾ بچت بازارون قائم ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته ناجائز منافعه خوري ۽ بد انتظامي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، حڪومتي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار جو هيءُ قدم عوام دوست پاليسي جو حصو آهي جنهن جو مقصد عوام کي بنيادي ضروري شيون سستي اگھ تي فراهم ڪرڻ ۽ وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان محفوظ رکڻ آهي. هن چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آهي. بچت بازارون لڳائڻ نه ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ته جيئن عوام تي مهانگائي جو بار گھٽائي سگھجي. انهن بازارن ۾ عام واھپي واريون شيون گهٽ قيمت تي ملي سگهنديون ته جيئن عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت انهن بازارن جي شفافيت ۽ انتظامي نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا آهن. هر بازار ۾ سرڪاري عملدار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن قيمتن تي نظر رکي سگهجي ۽ ڪنهن به قسم جي ناجائز منافع خوري، ذخيره اندوزي يا بدانتظامي کي فوري طور روڪي سگهجي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قيمتن جي استحڪام ۽ شين جي معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ بچت بازارن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. عوام انهن بازارن مان ڀرپور فائدو وٺي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي شڪايت هجي ته سڌي ريت لاڳاپيل عملدارن تائين پهچائين.