اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين ويرات ڪوھلي ڀارت جي اڳوڻي ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر کان هڪ ٻيو اھم اعزاز کسي ورتو آهي. دبئي ۾ آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي پھرين سيمي فائنل ميچ ۾ ويرات ڪوھلي شاندار 84 رنسن جي اننگز کيڏي ڀارت کي نه رڳو آسٽريليا خلاف 4 وڪيٽن تان فتح ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو پر سندس اننگ عيوض هن ڀارتي ٽيم کي فائنل به پهچائي ڇڏيو. آسٽريليا خلاف 98 بالن تي 84 رنسن جي اننگ دوران ويرات ڪوھلي ھڪ نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪري ورتو. ويرات ڪوھلي آءِ سي سي جي ون ڊي ٽورنامينٽس (ورلڊڪپ، چيمپئينز ٽرافي) ۾ سڀني کان وڌيڪ ففٽي پلس اسڪور جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ڪوھلي آءِ سي سي ون ڊي ٽورنامينٽس جي 53 اننگز ۾ 24 ڀيرا ففٽي پلس اسڪور ڪيو. ان کان اڳ اھو رڪارڊ سچن ٽنڊولڪر وٽ ھو، جنھن 58 اننگز ۾ 23 ففٽيون اسڪور ڪيون ھيون. ويرات ڪوھلي، سچن ٽنڊولڪر جو ون ڊي ۾ سڀني کان وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ پڻ ٽوڙي چڪو آھي. واضح رھي ته دبئي ۾ ٿيل آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي پھرين سيمي فائنل ۾ ڀارت آسٽريليا کي 4 وڪٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آھي.