لنڊن – 05 مارچ (اي پي پي)انگلينڊ 2027ع ۾ مردن جي ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جي گرينڊ ڊيپارٽ جي ميزباني ڪندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق انگلينڊ آخري ڀيرو 2014ع ۾ يارڪ شائر ۾ دنيا جي سڀ کان مشھور سائيڪلنگ ريس جي شروعات جي ميزباني ڪئي ھئي، جڏھن ان جي شروعات ليڊز ۾ ٿي ھئي. 2027ع ۾ ان ريس کي ايڊنبرا کان شروع ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. سائيڪل ريس جي رستن جي تفصيلن کي ڪٿي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ برطانيا اختيارين ۽ ريس جي منتظمين وچ ۾ ڳالھيون جاري آھن. باخبر ذريعن مطابق ان سلسلي ۾ باضابط اعلان ايندڙ مھيني ۾ ٿي سگھي ٿو. فنڊنگ باڊي يو ڪي سپورٽ چيو آھي ته ان ايونٽ جي منعقد ٿيڻ لاءِ برٽش سائيڪلنگ سان گڏو گڏ ريس جي منتظين (اي ايس او) سان ڳالھيون جاري آھن.