ڪراچي-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري غريب ماڻهن کي روزگار لاءِ 9 هزار ريڙها ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب جي ڊي سي جي انتظام هيٺ غريب ماڻهن لاءِ ڀاڄي سان ڀريل هڪ هزار ريڙها ڏيڻ جي تقريب ۾ گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري غريب ماڻهن ۾ ريڙها ورهايا. گورنر سنڌ ڀاڄين جون قيمتون معلوم ڪيون ۽ انهن جو وزن به چيڪ ڪيو. جي ڊي سي تحت ڪرايل سحري ۾ گورنر سنڌ ورڪرن کي همٿائڻ لاءِ سيخ ٻوٽي پاڻ به تيار ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جي فوج جي ڪري اڄ ڪو ميري اک سان اسان جي ملڪ کي نه ٿو ڏسي سگهي. مضوط فوج، مضبوط وطن، پنهنجي فوج سان محبت ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف دفاع سان گڏوگڏ معيشت به مضبوط ڪري رهيو آهي. ان ڏس ۾ ايس آءِ ايف سي رٿا وسيلي سيڙپڪاري آندي پئي وڃي.