ٽيڪساس – 3 مارچ (اي پي پي ) آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ جيسيڪا پيگولا پهريون ڀيرو اي ٽي ايڪس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. 31 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار جيسيڪا پيگولا شاندار راند پيش ڪندي عورتاڻي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ هم وطن حريف رانديگرياڻي ميڪ ڪارٽني ڪيسلر کي شڪست ڏئي ايونٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. آمريڪي رياست ٽيڪساس جي گادي واري شهر آسٽس ۾ اي ٽي ايڪس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ان ڪاميابي سان جيسيڪا پيگولا جي ڊبليو ٽي اي ٽائيٽلز جو انگ 7 ٿي ويو آهي.