پورٽوريڪو _3 مارچ (اي پي پي ) پورٽو ريڪو اوپن گالف ٽورنامينٽ 7 مارچ کان پورٽو ريڪو ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن . اهو ٽورنامينٽ پي جي اي ٽور جو مشهور گولف ايونٽ آهي جيڪو پهريون ڀيرو 2008 ع ۾ کيڏيو ويو هو . ٽورنامينٽ 72 هولز تي کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ گالف جي دنيا جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا . پي جي اي ايونٽ ۾ آمريڪا سان تعلق رکندڙ گالفر برائس گارنيٽ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو . ٽورنامينٽ لاءِ 40 لک ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي. 7 مارچ کان شروع ٿيندڙ اهو ايونٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد 10 مارچ تي ختم ٿي ويندو.