ڪراچي- 02 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي ڊي سي جي انتظام هيٺ رمضان مهيني جي پهرين سحري نمائش چورنگي تي ڪئي، ان موقعي تي ماڻهن سنڌ جي گورنر جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي گورنر ماڻهن سان ڪچهري ڪندو رهيو. ماڻهن پنهنجن مسئلن کان گورنر کي آگاه ڪيو. ان موقعي تي ماڻهن گورنر سان سيلفيون به ورتيون. بعد ۾ گورنر ڪامران خان ٽيسوري ماڻهن سان گڏجي پهرين سحري ڪئي. گورنر ان موقعي تي ماڻهن ۾ عيد جا ڪپڙا به ورهايا. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس ماڻهن سان گڏجي سحري ڪرڻ سٺو لڳي ٿو. ماڻهن جي وچ ۾ وڃڻ سان سندن مسئلا معلوم ٿيندا آهن. هن چيو ته مهنجو ڪم ئي عوام جي خدمت ڪرڻ آهي.