لاهور – 01 مارچ (اي پي پي) لاهور سميت پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ 2 کان 4 مارچ دوران برساتن جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق 2 کان 4 مارچ دوران صوبي جي اڪثر علائقن لاهور، سرگوڌا، ميانوالي، خوشاب، منڊي بهاوالدين، شيخوپوره، حافظ آباد، گوجرانواله، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ملتان، ڊيره غازي خان، راجن پور، بهاولپور، خانيوال، ليه، ڀڪر، ساهيوال ۽ پاڪپتن ۾ برسات جڏهن ته مري، گليات سميت ٻين جابلو علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.