ڪراچي-28 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جديد گورننس جي چئلينجن کي اجاڳر ڪندي سرڪاري ملازمن ۾ اسٽريٽجڪ سوچ جدت ۽ اثرائتي وسيلن جي انتظام جي ضرورت تي زور ڀريندي يقين ظاهر ڪيو آهي ته نوان آفيسر پنهنجي تربيت کي سنڌ جي ماڻهن جي خدمت لاء موثر طريقي سان استعمال ڪندا. اهڙو اظهار هن ڪالهه ٽريننگ مئنيجمينٽ اينڊ ريسرچ ونگ پاران منعقد ڪيل ٻئي سينئر مئنيجمينٽ ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو۔ ان موقعي تي وڏي وزير تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي سکيا ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ گريجوئيٽس کي گورننس ۾ پيشيوراڻي ترقي جي اهميت تي زور ڀريو. هن گريجوئيٽس کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي ڪردار ۾ ايمانداري، جوابدهي ۽ عوامي خدمت کي برقرار رکن. مراد علي شاهه محدود وسيلن جي باوجود ڪورس منعقد ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جي هڪ تنظيم ٽي ايم آر ونگ جي تعريف ڪئي. هن مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ سينئر مئنيجمينٽ ڪورس ٻنهي لاءِ تربيت فراهم ڪرڻ ۾ ونگ جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو جيڪو صوبائي سول سروس جي صلاحيت کي مضبوط ڪري ٿو. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ وڏي وزير سول سروس ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن کي انهن جي مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابي جي خواهش ظاهر ڪئي. تقريب کان اڳ ۾ وڏي وزير ٽي ايم آر ونگ جي نئين قائم ٿيل آفيس بلڊنگ جو افتتاح پڻ ڪيو جنهن ۾ جديد ترين ڪلاس روم ۽ لاڳاپيل سهولتون موجود آهن. ۽ ٽي ايم آر ونگ تي زور ڏنو ته هو سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي وڌندڙ تربيتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ جديد سول سروسز اڪيڊمي قائم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ سيڪريٽري ٽي ايم آر وحيد شيخ پڻ خطاب ڪيو.