ڪراچي-28 فيبروري (اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي جديد ۽ معياري سفري سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر ٽي جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي سنڌ حڪومت 10 مارچ 2025 تي گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر ٽي جو باقائده ڪنٽرول سنڀالي وٺندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جي 14هين اجلاس جي صدارت بعد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو۔ هن وڌيڪ چيو ته عوام کي تيز رفتار، آرامده ۽ بهترين سفري سهولتون ڏيڻ لاءِ اسان ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارا آڻي رهيا آهيون، سنڌ سرڪار سمورا ضروري وسيلا ڪتب آڻي ان نظام کي وڌيڪ مستحڪم ۽ اثرائتو بڻائيندي.هن چيو ته سنڌ حڪومت گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر ٽي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندي.اجلاس ۾ شريڪ ماهرن گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر ٽي جي مؤثر انتظام لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر ٽي جي معاهدي بابت دستاويز قانوني توثيق لاءِ قانون واري شعبي ڏانهن موڪلڻ تي به غور ڪيو ويو.گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر ٽي جي ھاڻوڪي هيومن ريسورس جي جوڙجڪ کي ٽي مهينا برقرار رکڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.اجلاس ۾ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايس ايم ٽي اي ڪمال دايو، ميمبر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سڪندر شيخ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، ڪنسلٽنٽس ۽ ٻين اهم اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي.