دبئي – 28 فيبروري (اي پي پي) يونان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ اسٽيفانوس سيٽسيپاس پنهنجي ڪاميابين کي جاري رکندي اي ٽي پي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويو جڏهن ته روس جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڊينيئل مدويديف جو مينز سنگلز ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ ئي سفر ختم ٿي ويو. 26 سالن جي يونان جي مشهور ٽينس اسٽار سٽيفانوس سيٽسيپاس بهترين راند پيش ڪندي مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ اٽلي جي مخالف رانديگر ميٽيو بيريٽيني کي هارائي سيمي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. گڏيل عرب امارات، دبئي جي ايوي ايشن ڪلب ٽينس سينٽر ۾ اي ٽي پي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن جنهن دوران مداحن کي بهترين مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهي آهي.