ڪراچي-26 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڏکڻ ڪوريا کي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ صنعتون لڳائڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ عوامي جمھوريا ڪوريا جي سفير پارڪ ڪجن سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، واپاري رابطن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سنڌ ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ اقتصادي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير ڏکڻ ڪوريا کي ڌاٻيچي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هي زون پرڏيھي سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿو. هن ڪورين ڪمپنين کي سنڌ ۾ هاءِ-ٽيڪ انڊسٽري، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ آٽوموبائل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ڪورين سفير پارڪ ڪجون چيو ته ماضي ۾ ڏکڻ ڪوريا سنڌ ۾ حيدرآباد – ميرپورخاص روڊ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو هو، ان کان پوءِ ڪنهن به وڏي منصوبي تي ڪم نه ڪيو ويو. هن سنڌ ۾ آءِ ٽي ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ڏکڻ ڪوريا جي سفير کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ڏکڻ ڪوريا جي سيڙپڪارن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. ان سلسلي ۾ هن انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو ڪورين سيڙپڪارن سان سڌي ريت رابطي ۾ رهي سندن ڀرپور سھڪار ڪيو وڃي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، هيءَ ملاقات سنڌ ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ واپاري ۽ صنعتي معاهدن جي راهه هموار ٿيندي.