ڪراچي-26 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ پي اي سي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي شهيد بينظير آباد ضلعي ڪائونسل جي چيف آفيسر، نوابشاهه جي ميونسپل ڪميٽي جي ميونسپل آفيسر ۽ ٽائون ڪميٽين جي 3 ٽائون آفيسرن سميت 5 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ضلعي ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين جي سال 2018ع کان 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پاران پي اي سي اجلاس ۾ بلديات کاتي جي آفيسرن پاران شرڪت نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مڪاني ادارن واري کاتي جي 5 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. معطل ڪيل آفيسرن ۾ شهيد بينظير آباد ضلعي ڪائونسل جو چيف آفيسر، ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جو ميونسپل آفيسر، ٽائون ڪميٽي ڀريا، ٽائون ڪميٽي ڄام نواز علي، ٽائون ڪميٽي ڪنڍياري جا ٽائون آفيسر شامل آهن. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته پي اي سي اجلاس ۾ مڪاني ادارن جي آفيسرن شرڪت نه ڪري غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي پر آفيسرن کي پي اي سيءَ ۾ عوام جي پئسن جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ جنهن جنهن کاتي جا آفيسر پي اي سيءَ آڏو جوابده نه ٿيندا ۽ آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندا ته انهن آفيسرن کي معطل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين، ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز ۾ گوسڙو ملازمن جي نشاندهيءَ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي ضلعي ڪائونسل جي ملازمن جو حاضري رجسٽرڊ فوري طور تي سيل ڪري ملازمن جي فزيڪل تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز جي چيئرمين ۽ ضلع ڪائونسل سانگهڙ جي چيئرمين پنهنجن چيف آفيسرن بجاءِ پنهنجين صحيحن سان 24 ڪروڙ ۽ 45 ڪروڙ روپين جون اين آءِ ٽي جاري ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو. جنهن تي ڊي جي آڊٽ ٻنهي ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمين جي صحيحن سان 24 ڪروڙ ۽ 45 ڪروڙ جون اين آءِ ٽي جاري ٿيڻ تي اعتراض اٿاريندي چيو ته اين آءِ ٽي تي صحيحون ڪرڻ چيف آفيسرن جو اختيار آهي پر ضلعي ڪائونسل جي چيئرمينن پنهنجي صحيحن سان اين آءِ ٽي جاري ڪري غيرقانوني عمل ڪيو آهي، جنهن تي پي اي سيءَ نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ جي ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمينن جي صحيحن سان 24 ڪروڙ ۽ 45 ڪروڙن جي اين آءِ ٽين واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي اي سيءَ نوشهروفيروز ضلعي ڪائونسل جي سال 2019ع ۽ 2020ع تائين جي 9 آڊٽ پيرائن مان 5 پيرائن کي سيٽل ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جي چيئرمين جي گاڏيءَ لاءِ مھينو 1200 سئو ليٽر پئٽرول جاري ڪرڻ ۽ پئٽرول تي 46 لک روپيه خرچ ٿيڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو آهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين کي مهينو ڪيترو پئٽرول ڏنو ويندو آهي؟ جنهن تي ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جي اڪائونٽس آفيسر پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته ضلع ڪائونسل سانگهڙ جي چيئرمين کي هر مهيني 1100 کان 1200 ليٽر پئٽرول ڏنو ويندو آهي. پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو چيو ته پي اي سيءَ جي چيئرمين کي هر مهيني 300 ليٽر کان وڌيڪ پئٽرول نه ٿو ملي ته پوءِ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين کي ھر مھيني 1200 ليٽر پئٽرول ڪيئن ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي پي اي سيءَ ضلع ڪائونسل سانگهڙ جي چيئرمين پاران 45 لک روپيه پئٽرول تي خرچ ڪرڻ واري معاملي جي بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.