لاڙڪاڻو- 24 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر لاڙڪاڻي پهچي ڪجهه ڏينهن اڳ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيل نوجوان واپاري سنجي ڪمار جي وارثن سان تعزيت ڪري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته ڪنهن به متاثر کي ذات پات جي حوالي سان نه ورتو وڃي، هر ڪنهن سان ڪوبه واقعو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته واردات ڪرڻ وارو ظالم هُوندا آهن، قاتل ڪنهن به مذهب کي نه ٿا سڃاڻن، جن لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو ۾ خون ڪيا آهن، اهي به اهڙا ظالم آهن، هِن چيو ته واقعي کان پوءِ مُون پوليس مٿان مسلسل دٻاءُ وڌو آهي ته جوابدارن کي پڪڙيو وڃي، هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ پوليس جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان جو متاثر خاندان سان مڪمل ۽ ڀرپور سهڪار آهي. هن چيو ته مان سڀني کي چونديس ته نئون ديرو ۾ آئيس، ڊرگس ۽ جوا بابت ڪنهن وٽ به ڪو به اطلاع هجي ته پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته اهڙن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ضلعي مان منشيات جو خاتمو آڻيون. هن چيو ته منهنجو پوليس ۽ انتظاميه سان رابطو آهي، پوليس قاتلن ۽ ظالمن کي جلد کان جلد گرفتار ڪندي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي شروعات کان اها ڪوشش آهي ته جيڪي اهڙي قسم جا ڏوهاري وارداتون ڪري رهيا آهن انهن کي پڪڙيون. هن چيو ته ڪو زمانو هو جڏهن آئُون ايم اين اي هيس ته 100 ڄڻا اغوا ٿيل هئا، اڄڪلهه ڪو به اغوا ناهي پر اهڙي قسم جون وارداتون ٿي رهيون آهن، جن تي اسان جي نظر آهي ۽ پوليس به پوري ڪوشش ڪري رهي آهي واقعي ۾ ملوثن کي گرفتار ڪيو وڃي. ان بعد فريال ٽالپر ٽراما سينٽر پهچي ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل رونق آهوجا جي عيادت پڻ ڪئي. ان موقعي تي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، اقليتي ايم اين اي رميش لال، اڳوڻو صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور ذوالفقار ڪماريو، غلام مصطفيٰ لغاري، هندو پنچائت لاڙڪاڻو جو چيئرمين هريش لال سميت پيپلز پارٽي جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.