لاهور-22 فيبروري(اي پي پي) چيمپئنز ٽرافي جي سلسلي ۾ انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ميچ جي حوالي سان ٽريفڪ انتظام مڪمل ڪيا ويا. جڏهن ته پارڪنگ پلان پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب ميچ دوران هڪ هزار کان وڌيڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. غلط پارڪنگ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. جڏهن ته ڪنهن به روڊ کي مستقل طور تي بند نه ڪيو ويندو. سمورا روڊ ٽريفڪ لاءِ کليل رهندا. شهرين يا ميچ ڏسڻ وارن لاءِ اسٽيڊيم ايندڙ مداحن کي ٽريفڪ جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو، جڏهن ته شهرين کي راسته ايپ، راسته ايف ايم 88.6 ذريعي صورتحال کان آگاهه رکيو ويندو.