راولپنڊي-22 فيبروري (اي پي پي)بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ۾ پنهنجا باقي گروپ اسٽيج ميچز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي. پي سي بي مطابق بنگلاديشي ٽيم نجم الحسن شانتو جي قيادت ۾ دبئي کان اسلام آباد پهتي. گروپ اي ۾ شامل بنگلاديش کي دبئي ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ ڀارت هٿان شڪست ٿي. شيڊول مطابق بنگلاديش پنهنجي ٻين ميچ 24 فيبروري تي نيوزيلينڊ جڏهن ته ٽين ۽ آخري گروپ ميچ 27 فيبروري تي پاڪستان خلاف کيڏندي. ٻئي ميچون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.