برسلز / اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين برسلز ۾ دهشتگردي جي خاتمي جو نائون ڊائيلاگ منعقد ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي وفدن 2019ع جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي پنهنجي وسيع تر مصروفيتن جي حصي جي طور تي دهشتگردي جي خاتمي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يورپي يونين ۽ پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندي ان سان وڙهڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڊائيلاگ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز بشمول افغانستان ۽ وچ اوڀر وانگر ٻين علائقن ۾ سيڪيورٽي جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪيو. بيان موجب ڌرين گهڻ رخي فورمز ۾ عالمي حصيدارن سان مضبوط تعاون جي اهميت تي زور ڏنو، ان ۾ گڏيل قومن جو فريم ورڪ ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ حصيداري شامل آهي جنهن جي يورپي يونين 2022ع کان شريڪ سربراهي ڪري رهي آهي. يورپي يونين ۽ پاڪستان پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام ۽ خاتمي، غيرملڪي جنگجوئن جي ڀرتي ۽ چرپر، آف لائين ۽ آن لائين بنياد پرستي، دهشتگردي جي مالي معاونت جو مقابلو ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي وڌندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين طريقن جي مٽاسٽا ۽ ٺوس تعاون جي شعبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ سيڪيورٽي ۽ دفاعي پاليسي جي ڊائريڪٽر ميڪيج اسٽيڊيڪ ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد ڪئي.