دبئي-20 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025ع جي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي امام الحق کي فخر زمان جي جاءِ تي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ سي سي موجب پي سي بي امام الحق کي فخر زمان جي متبادل طور نامزد ڪيو هو جيڪو نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ فلڊنگ دوران زخمي ٿي پيو هو. امام الحق چيمپئنز ٽرافي جي شروعات کان اڳ وارم اپ ميچن ۾ پاڪستان شاهينز ۾ شامل هو. هن ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ ۾ 98 رنسن جي شاندار اننگز به کيڏي هئي. امام الحق هن وقت تائين 72 ون ڊي ميچن ۾ 48.27 جي سراسريءَ سان 3138 رنسون بڻائي چڪو آهي جنهن ۾ 9 سينچريون ۽ 20 اڌ سينچريون شامل آهن. ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجو ٻيو گروپ ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف 23 فيبروريءَ تي دبئي ۾ کيڏندو.