اسلام آباد- 20 فيبروري (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايندڙ ڏھن سالن ۾ آپريشنز کي 50 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنھن تحت ھو سرمائي جي بنيادي ڍانچي جو فائدو کڻي ايشيا ۽ بحرا لڪابل جي علائقي ۾ پنھنجي سرگرمين ۾ اضافو ڪندو. بئنڪ جي پڌارئي مطابق ڪيپٽل يوٽيلائزيشن پلان جي تحت 2034ع تائين مختلف ملڪن جي سھڪار جي وعدن جو ڳاڻيٽو موجوده 24 ارب ڊالر ساليانو کان وڌي 36 ارب ڊالر ڪيو ويندو. بئنڪ جي صدر مسات سوگوآساڪاوا جو چوڻ آھي ته علائقي جي تبديل ٿيندڙ ضرورتن مطابق متحرڪ منصوبو منظور ڪيو ويو جنھن جو مقصد بئنڪ جي ڪم جي اثرن کي ھٿي ڏيڻ ۽ ماڻھن جي زندگين کي بھتر بڻائڻ آھي. ھن چيو ته منصوبي تحت قرض ڏيڻ جي صلاحيت کي استعمال ڪندي ڏکين چيلنجز کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي سان سيڙپڪاري ڪرڻ جا موقعن ۾ اضافو ڪيو ويندو. ان جو چوڻ ھو ته بئنڪ سڀني کان غريب ۽ وڌيڪ متاثر ميمبر مڪلن لاءِ ”ايشين ڊيلپمينٽ فنڊ“ ۾ اضافو به ڪيو آھي جيڪو ان جي سڀني کان وڏي گرانٽس جي ذريعن مان آھي. نئي منصوبن تحت قرضن ۽ سھڪار وٺڻ وارن ملڪن ۽ عملي کي فني سھڪار جي وسيلن ۾ اضافو ڪيو ويندو.