سيوهڻ -19 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر رح جو پيغام محبت، امن ۽ رواداري تي ٻڌل آهي ۽ سنڌ حڪومت صوفي روايتن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سنڌ ۽ پاڪستان کي هميشه سرسبز، شاداب ۽ آباد رکي. ھن اھا ڳالھ حضرت لعل شهباز قلندر رح جي 773هين عرس جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت دوران ڪئي.
هن چيو ته سنڌ صوفين ۽ وليَن جي ڌرتي آهي ۽ حضرت لعل شهباز قلندر رح جي درگاهه امن ۽ روحاني روشني جو مرڪز آهي. بعد ۾ سيوهڻ جي صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سيوهڻ ۾ به عالمي سطح جا ميچ ٿيڻ گهرجن پر اسان وٽ وسيلن جي گھٽتائي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ انٽرنيشنل ميچز لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي ۽ جلد ان کي عالمي معيار مطابق بڻايو ويندو. بدعنواني بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير واضح ڪيو ته ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ٽريفڪ حادثن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت سخت ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ عوام جي جان جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي، ذوالفقار علي شاهه، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.