اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اڪثر هنڌن تي وقفي وقفي سان تيز هوائن/ طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي شديد برسات/ برفباري جڏهن ته پوٺورهار خطي ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳڙهه پوڻ به امڪان آهي. موسميات کاتي انتباهه جاري ڪندي چيو ته گذريل رات کان 21 فيبروري جي (صبح) دورن شديد برفباري سبب مري، گليات، ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگله، استور، هنزه، اسڪردو، وادي نيلم، باغ، پونڇ، حويلي جا روڊ بند ٿيڻ ۽ ترڪڻ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ خلل جو انديشو ظاهر ڪيو آهي. شديد برسات/برفباري سبب ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا جي جابلو علائقن، مري ۽ گليات ۾ مٽي ڇپون ڪرڻ/ برفاني ڇپون ڪرڻ جو خطرو آهي، برسات ۽ برفباري دوران سياحن کي محتاط رهڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر بلوچستان، وچولي/ ڏکڻي پنجاب، جيڪب آباد ۽ بنون ۾ گجگوڙ سان برسات ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 08، ڪالام، پاراچنار ۾ ڪاٽو 03، استور، مالم جبه، چترال ۾ ڪاٽو 01، زيارت، هنزه ۽ اسڪردو ۾ ٻڙي ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.