مراڪش/اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) مراڪش ۾ رٿيل گلوبل منسٽريل ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان مختلف ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزير شيخ محمد بن عبدالله الثاني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر آئل اينڊ گيس سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته قطر کي خطي ۾ منفرد معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ نمايان مقام حاصل آهي. وفاقي وزير قطر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ به ڪئي. ان موقعي تي قطر جي وزير پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جي جذبن جو اظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ قطر جي حڪومت هر ممڪن سهڪار يقيني بڻائيندي. وفاقي وزير قطر سان بزنس ٽو بزنس ۽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهن ٿا. ڪانفرنس دوران ورلڊ بئنڪ روڊ سيفٽي جي گلوبل هيڊ سعاد داهدا به وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته وفاقي وزير ورلڊ بئنڪ جي گلوبل ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ نيڪولس پليٽر به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي سهڪار سٺو سنوڻ آهي، اسان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان مواصلات جي شعبي ۾ نمايان بهتري آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽر ويز ۽ شاهراهن کي محفوظ بنائڻ لاءِ نوان ٽاسڪ سونپيا ويا آهن. پاڪستان ۾ موٽر ويز پوليس جي ڪارڪردگي ڪنهن به اُسرندڙ ملڪن کان گهٽ ناهي. وفاقي وزير ملاقات ۾ سعاد داهدا ۽ نيڪولس پليٽر ورلڊ بئنڪ طرفان سهڪار جي خاطري به ڪرائي.