لاهور-19 فيبروري (اي پي پي) شري ڪٽاس راج ۾ مها شوراتري جي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ ڀارتي هندو ياتري 24 فيبروري تي واگهه چيڪ پوسٽ رستي پاڪستان پهچندا. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جو ايڊيشنل سيڪريٽري سيف الله کوکر، پاڪستان هندو مندر مئنيجمنٽ ڪميٽي جا ميمبر ۽ اعليٰ اختياريون ۽ مقامي هندو اڳواڻ مهمانن جو استقبال ڪندا. بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت ۽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطاالرحمان جي خاص هدايت تي هندو ياترين جي پاڪستان آمد جي حوالي سان سيڪيورٽي، رهائش، ٽرانسپورٽ سميت ٻيا انتظام ڪيا ويا آهن. ڊپٽي سيڪريٽري جنرل (شرائنز) عمر جاويد اعواڻ چيو ته هندو ياتري 24 فيبروري تي پاڪستان پهچڻ کانپوءِ خاص بسن ذريعي واگهه بارڊر کان گورودواره ڊيره صاحب لاهور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، جڏهن ته 25 فيبروري تي چوه سيدن شاهه چڪوال ويجهو تاريخي ڪٽاس راج مندر روانو ٿيندا، جتي 26 فيبروري تي هندو ياتري مهاشوراتري جي مناسبت سان پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪندا. دورو مڪمل ٿيڻ تي هندو ياتري 2 مارچ تي ڀارت واپس روانو ٿيندا.