ڪراچي-19 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر سهيل انور سيال جي گهر پھتو، جتي سندس چاچي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جون سماجي ۽ ادبي خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. وڏي وزير، مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتح خواني ڪئي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.