نيويارڪ/ اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ هنگري جي پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارتو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ هنگري جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهڻ رخي لاڳاپن بشمول ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي ساراهيو. هنن ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن 6 کان 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان هنگري اقتصادي تعاون بابت گڏيل ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي ڪامياب پڄاڻي جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته هنگري جي پرڏيهي وزير جي جلد پاڪستان ۾ ميزباني ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي امن ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.