لاڙڪاڻو-18 فيبروري (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل ھندو واپاري زندگي جي جنگ هارائي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو واسي واپاري سنجي ڪمار کي نامعلوم ھٿياربندن گوليون ھڻي زخمي ڪيو ھو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ھدايتن تي سنجي ڪمار کي ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو ھو. ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ مسلسل وينٽيليٽر تي هجڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن هو زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويو. اهڙي خبر پوڻ تي سوڳ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪاروبار مڪمل بند ٿي ويو.